نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، چ??ن، ايران ۽ روس افغانستان جي سرزمين تان پيدا ٿيل سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغان عبوري حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري، افغان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسر??ن، خطي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کا?? روڪي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، چ??ن، ايران ۽ روس جي گروپ جو ٽيون وزارتي اجلاس منع??د ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن، سلام??ي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان جي سرزمين تان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ افغان عبوري حڪومت تي زور ڀريو ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري ۽ افغان سرزمين کي پنهنجي پاڙيسر??ن، خطي ۽ ان کان ٻاهر استعمال ٿيڻ کا?? روڪي. اجلاس ۾ افغانستان سان رابطن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو ۽ افغانستان جي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ان جي مختلف چئلينجز کي جامع انداز ۾ منهن ڏيڻ لا??ِ علائقائي ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ لا??ِ چئني ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ زور ڀريو ويو.