ن??وي??رڪ – 25 – ??يپ??مبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ن??وي??رڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 50 س??ل مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.