لاهور- 17 س??پٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف رائيونڊ ۾ سندس گهر واري ۽ والدين جي قبرن ت?? حاضري ڀري ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي عيد ميلادالنبيﷺ جي نسبت سان قرآن خواني به ڪئي وئي، جڏهن ??ه نعت خوانن نبي ??ڪرمﷺ جي شان ۾ عقيدت ۽ درود سلام پيش ڪيا. محمد نواز شريف، مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي.