اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي پ??اڻ?? حصيداري کي ساراهيندي زراعت سميت ماحولياتي لچڪ ج?? منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍاڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي ت??قياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي پ??اڻ?? حصيداري کي ساراهيندي وزيراعظم اي ڊي بي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران متعارف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي جي شعبي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي ت??ديلي جي ت??اهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي ت??فظ کي وڌائڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي جيڪي پائيدار اقتصادي ت??قي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم 2022ع جي ت??اهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ت??قياتي بئنڪ پاران 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدلاڻي مدد کي ساراهيو. هن زراعت سميت ماحولياتي لچڪ ج?? منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ت??قياتي بئنڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وابستگي کي ساراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئنڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ت??قي، ماحولياتي ت??ديلي جي شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ جي بئنڪ جي عزم جي ت??ديد ڪئي. منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ۽ اي ڊي بي جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ت??قي ج?? منصوبي جي حوالي سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ت??قياتي بئنڪ جا اهي ٻئ?? منصوبا ٻوڏ سان تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.