اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ڪورٽ پاران ڪشميري عوام جي حقن جي وڪالت ڪندڙ ڪيترين ئي سياسي پا??ٽي?? تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصلي کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران مقامي سياسي پا??ٽي?? تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي بي لگام مهم جو حصو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي حقن جي وڪالت ڪندڙ پا??ٽي?? کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪمٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قانون ڪشميري عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي تيزي سان استعمال ٿي رهيو آهي. ترجمان چيو ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي عدليه جو ڪردار ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ تازن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو سمورين سياسي پا??ٽي?? تي پابندي هٽائي جيڪي ??الاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏنيون ويون آهن، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سان لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.