لنڊن – 05 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ دولت مشترڪه جي ??يڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مشترڪه سان پاڪستان جي وابستگي ۽ پائيدار ترقي جي ??يجنڊا ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (CAYA) سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي ??مايت تي ٿورا مڃيا. دولت مشترڪه جي ??يڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان جي ??وري دوران ملندڙ مهمان نوازي کي ياد ڪندي پاڪستان سان ??وس??ياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي مسئلن تي تعاون جي ??واهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ساموآ ۾ دولت مشترڪه سربراهي اجلاس کان اڳ گڏيل ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم ناليواري پاڪستاني مصور اجاب خان جي پ??ٽنگ ڪامن ويلٿ سيڪريٽريٽ کي پ??ش ڪئي.