اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ يوم دفاع ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، 6 سيپٽمبر 1965 اهو عظيم ??ين??ن آهي جڏهن پاڪ فوج نه رڳو ڀارت کي شڪست ڏني پر پاڪ ڌرتي تي قبضي جو ڀارتي خواب پڻ ٽوڙي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق يوم دفاع جي مناسبت سان اڄ جمعي ??ين??ن جي شروعات توپن جي سلامي ۽ مسجدن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام جي دعائن سان ٿي. ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي مق??ر ٿيل گارڊن جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ٿي. لاهور ۾ شاعر علامه محمد اقبال جي مزار تي پڻ گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿي. اڄ جي ??ين??ن 1965ع ۾ پاڪ فوج جي بهادر جوانن مڪار دشمن جي سمورين چالن کي ??اڪام بڻايو هو، بزدل دشمنن کي ??اڪ سرزمين ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ تي سبق سيکاريو. شجاعت، ايثار ۽ بهادري جي لازوال داستان لکندڙن کي ??وم اڄ به سلام پيش ڪري ٿي.