اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت ??کي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽي?? جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ پاڪستا?? جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستا?? جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي پاليسي?? جي ڪري مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظم کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجويزون ۽ ملڪي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪراچي جي ماڻه?? جي خوشحالي جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ??مال ۽ سيد امين الحق شامل هئ??. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽي?? جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت ??کي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ٻين شهري علائق?? جي مسئل?? جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئ??.