پشاور-04 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪن??ي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، عوام کي خيبر پختونخوا ڪابينا ۾ تبديلي جي ??ببن کان آگاهه ڪيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪن??ي چيو ت?? اسان جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن، صوبائي حڪومت کي درخواست آهي ته نوجوانن ??ي مستقبل سان نه کيڏي ۽ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز اچڻ ڏيو، هن چيو ت?? صوبي ۾ 26 يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز ناهن. فيصل ڪريم ڪن??ي چيو ت?? ڪي پي اسيمبلي جو اجلاس چار ڀيرا معطل ٿي چڪوآهي، وڏو وزير اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪري رهيو آهي، ان صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته هو اسيمبلي جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، ميمبرن جي ??ڪثريت جي ??مايت حاصل ناهي رهي، ان لاءِ بهتر آهي ته وڏو وزير صوبائي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺي. هڪ سوال جي ??واب ۾ گورنر تصديق ڪئي ته ڪابينا ۾ ردوبدل جي ??والي سان سمري کي?? ملي آهي پر سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ڪا جلدي ناهي ۽ نه ئي هن ان تي قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي آهي.