اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سانوڻي ۾ وڻڪاري م??م لاءِ پيغام ۾ چيو آهي، ته سانوڻي ۾ وڻڪاري م??م 2024ع جي شروعات تي ماحولياتي تحفظ طرفان پاڪستانين جي پختي لگن تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو، هي م??م صرف هڪ موسمي قدم ناهي، پر پنهنجي پياري م??ڪ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن جي تحفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ قومي فرض جو هڪ اهم پاسو آهي. هن چيو ته وڻ زندگي جو اثاثو آهن، تازي هوا فراهم ڪن ٿا، آبهوا بهتر بڻائين ٿا ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏين ٿا. وڌندر ماحولياتي مسئلن کي نظر ?? رکندي وڻڪاري جي اهميت وڌي وئي آهي. اسان جي پياري پيغمبر به وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏني، اوهان جو فرمان آه?? ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي وڃي ۽ توهان مان ڪنهن به شخص جي هٿ ۾ کجيءَ جو ٻوٽو هجي ۽ ان کي قيامت قائم ٿيڻ کان پهرين ٻوٽي لڳائڻ جي م??لت ملي وڃ?? ته هو ان ٻوٽي کي لڳائي ڇڏي. هن وقت ملڪ جي ٽوٽل ايراضي جو صرف 5 سيڪڙو حصو جنگلن جو آهي، ڪاٺين جي وڌندڙ گهرج ۽ ٻين زميني استعمال سبب جنگلن تي شديد دٻاءُ آهي، سانوڻي جي م??سم وڻڪاري م??م لاءِ اسان جي ماحول تي بهترين اثر وجهڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ هڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل محفوظ بڻائڻ جو موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته ٻيلن کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا ۾ اولين ترجيح آهي. اپ اسڪلڊ گرين پاڪستان پروگرام تحت وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيلٽا بليوڪاربن جي قدمن تحت پاڪستان 1990ع کان مينگرو وز جي ايراضي ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري م??نگرو وز جي بحالي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، مو??مي??تي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ مينگرو وز لڳايا ويا، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان 27 ملين ڊالرز به ڪمايا ويا. دي ليونگ انڊس پروگرام جو مقصد ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ آهي ۽ ان سان گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي بحالي جو فليگ شپ ايوارڊ مليو آهي. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت ڪميونٽي جي تعاون کان سواءِ جهنگلي وسيلن کي هٿي وٺائڻ ۽ تحفظ نٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ معاشري جي مختلف طبقن جي شموليت اڻٽر آهي ۽ مون کي اميد آه?? ته هو ان نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو ضرور وجهندا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته اسان جي نوجوان نسل مو??مي??تي تبديلين کي م??هن ڏيڻ ۾ ٻيلن جي ڪردار جي اهميت کي آگاهه هجي ۽ اسان هن اهم مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سگهه وڌائڻ، تعليم ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.مان سمورن پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن کي گذارش ڪيان ٿو ته هو سانوڻي جي وڻڪاري م??م 2024ع ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن ۽ وڌ کان وڌ وڻ لڳائي م??ڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺائڻ جو قومي م??صد حاصل ڪري سگهجي. اچو اسان هن مهم جي پائيداري لاءِ اسان جي عزم ۽ هن سر زمين لاءِ اسان جي محبت جي علامت بڻايون. مون کي يقين آه?? ته اسان سڀئي گڏجي هڪ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.