سرينگر-04 آگسٽ (اي پي پي) والاريل ??شم??ر سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ??شم??ري (اڄ) 5 آگسٽ تي ”يوم استحصال ??شم??ر“ طور مل??ائ??ندا، ته جيئن 2019ع ۾ ان ڏينهن بي جي پي پاران هندو پرست حڪومت جي کنيل غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب بي جي پي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪندي علائقي کي فوجي ڪڙو چاڙهيو هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ??شم??ري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري مل??ائ??ن ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ??شم??ري ڀارت جي ظالماڻن قدمن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ٿا ڪن. حريت اڳواڻن جيل مان پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع والاريل ڄمون ??شم??ر جي لاءِ ڪارن ڏهاڙن منجهان هڪ آهي. هنن چيو ته 5 سالن جي لاڳيتو فوجي ۽ پوليس ڪڙي، ظلم ۽ ڏاڍ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سڄي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن کي ڀارت جي هندو پرست حڪومت هڪ ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.