راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي پيشيوراڻي فوج جي انفينٽري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي واري تقريب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هفتن تي ٻڌل مشقو?? 29 ??ون 2024ع تي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻنهي پيشيوراڻي فوجن مان هر ه?? ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ڊويزن پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شر??ت ڪئي. آمريڪي فوج جي 34 انفينٽري ڊويزن جي ڪمانڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪيمپر به پڄاڻي واري تقريب ۾ شر??ت ڪئي. شر??ت ڪندڙن مشقن دوران پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. انفينٽري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر ب??ائڻ کانسواءِ ٻنهي ملڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خاتمي جي تج??بن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ان دائري ڪار ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي مهارت حاصل ڪرڻ کانسواءِ ا??بن وار فيئر ۾ شامل مارڪ مين شپ جي مهارت سان گڏوگڏ فني مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.