دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجل??س ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستان جي گادي واري شهر آستانه روانو ٿي ويو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) جي اجل??س ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزي??اع??م اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزي??اع??م ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو. وزي??اع??م اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزي??اع??م ايس سي او خطي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزي??اع??م سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو امڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيندو جنهن ۾ وزي??اع??م جي به شرڪت جو امڪان آهي. وزي??اع??م اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ قازخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.