اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪ??و جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپر??ل تائين واپاري خسارو 21.6 سيڪ??و جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊالر تي اچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊالر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ناڻي ۾ 3.5 سيڪ??و جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن وارين پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪ??و جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪ??و جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ روپئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪارڊ ٿيو.