اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان توانائي واري وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ملاقاتون ڪيون، صدر ديامير ڀاشا ڊيم جي 1500 متاثرين کي في ڪس 47 لک رپين جو معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب صدر چيو ته گلگت ??لتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، صدر هدايت ڪئي ته گلگت ??لتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گلگت ??لتستان جي عوام کي ??لاج جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت سهولت پروگرام کي ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڏينهن گلگت ??لتستان جي گورنر ۽ گلگت ??لتستان ڪائونسل جي ميمبرن صدر کي ??لائقي کي ??رپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو ه?? ۽ صدر ملاقات ۾ گلگت ??لتستان جي مسئلن جي ??ل لاءِ قدمن جي خاطري ڪرائي هئي.