ملتان – 24 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني کي ملتان شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن رٽائرڊ رضوان قدير کيس ملتان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت ٻڌايو. وقتي صدر کي ٻڌايو ويو ??ه ملتان ۾ صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ راندين سميت ٻين شعبنجي بهتري جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ??ه شهر ۾ نواب پور روڊ، نادر آباد فلائي ا??ور?? متي تل روڊ کان ڪبير والا روڊ، شير شاهه روڊ، هاڪي اسٽيڊيم ۽ عورتن جي يونيورسٽي جا تعميراتي منصوبا تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهن. جڏهن ته 27 ڪروڙ لاڳت جو 5 ڪلو ميٽر ڊگهو نواب پور روڊ 15 جون تائين مڪمل ??يو ويندو. وقتي صدر انتظاميا ??ي هدايت ڪئي ته سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ??يو وڃي ۽ ان دوران مالي يا فني رڪاوٽن بابت مطلع ڪيو وڃي ته جيئن وزيراعظم ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ سان ڳالهه ڪري انهن کي ختم ڪري سگهجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ??ه اسان سدائين ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي عوام ۽ علائقي جي خدمت ڪئي آهي. عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ اسان جو مشن آهي. ان موقعي تي سي پي او صادق علي امن امان ۽ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ??ه ملتان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تمام بهتر آهي ۽ وڌيڪ قدمن سان ڏوهن جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي آندي ويندي. ان موقعي تي ايم ڊي واسا چوڌري محمد دانش، ايڪسن هاءِ وي غلام نبي سميت مقامي انتظاميا جا اعليٰ آفيسر موجود هئا.