اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي سيڙپڪار وفد جو پاڪستان اچڻ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي معاشي لاڳاپن جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي آهي. هن ان دوري کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان وفاقي وزيرن، آفيسرن ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ايئر سيال کي چين، ملائيشيا، سريلنڪا، ٿائيلينڊ، ترڪيه، برطانيا ۽ ڪويت ۾ فلائيٽ آپريشنز شروع ڪرڻ جي م??ظو??ي ڏئي ڇڏي. اها م??ظو??ي نيشنل ايوي ايشن پاليسي 2023ع ۽ ايئر سروسز ايگريمنٽ تحت ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ ڪنگڊم آف ڪولمبيا ??ي وچ ۾ گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي حوالي س??ن مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جڏهن ته وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي سفارش تي ڊائريڪٽوريٽ جن??ل آف اسپيشل ايجوڪيشن کي انساني حقن واري وزارت کان وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت جي حوالي سان ڪرڻ جي پڻ م??ظو??ي ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا چيني سيڙپڪاري منصوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 30 اپريل 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.