اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير اس??اق ڊار معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اس??اق ڊار وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب سان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اس??اق ڊار سعودي عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي ج?? لاءِ سعودي عرب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي ج?? لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. پرڏيهي وزير اس??اق ڊا?? پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار اس??قبال تي پرڏيهي وزير اس??اق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان سعودي عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اس??ائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏن??.