اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان گهرو معاملن، منشيا?? جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاس?? جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت، منشيا?? جي خاتمي واري وزارت، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم شهب??ز شريف کي ايف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظ?? هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.