اسلام آب??د – 23 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪ??رونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪ??رونا وائرس سبب 72 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون هيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 270 ماڻهن جا ڪورونا ٽي??ٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 52 سيڪڙو، لاهور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور 32 سيڪڙو ۽ اسلام آب??د ۾ 57 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 62 سيڪڙو، اسلام آب??د ۾ 51 سيڪڙو، گجرات ۾ 86 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪ??ويڊ – 19 جا 39 هزار 42 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 622، پنجاب ۾ 20 هزار 279، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 278، اسلام آب??د ۾ 5 هزار 384، بلوچستان ۾ 249، گلگت بلتستان ۾ 246، آزاد ڪشمير ۾ 684 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 85 هزار 271 ٿي چڪو آهي.